سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس (ڪتاب): هي ڪتاب نامور لسانياتي ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تصنيف آهي. هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد بابت تحقيق جي سلسلي جو اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ لائق مصنف وڏي محنت ۽ تحقيق سان سنڌي ٻولي، سنڌي لسانيات ۽ سنڌي صرف نحو جهڙن عنوانن تي علم اللسان جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻه ڇاپا پڌرا ٿيا آهن ۽ ٻنهي ڇاپن جا مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا پنهنجا لکيل آهن. ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي محسن ۽ مهربان استاد علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نالي ڪيو آهي.
ڪتاب يارهن بابن ۾ ورهايل آهي: باب پهريون: لسانيات: تعارف، مقصد ۽ اهميت، باب ٻيو: علم صرف ۽ سنڌي ٻولي، علم نحو ۽ سنڌي ٻولي، سنڌي/ ادغام، شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نحوي بناتون، علم اللسان ۽ سچل جو ڪلام، باب ٽيون: سنڌي ٻوليءَ جو مزاج، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻوليءَ جا تجربا ۽ اُبتي ٻولي، باب چوٿون: سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا، باب پنجون: سنڌي ٻوليءَ جون موجوده مقام، اُن جو مستقبل ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ تجويزون، باب ڇهون: سنڌي ٻوليءَ جو موجوده مقام، اُن جو مستقبل ۽ اُن جي ترقيءَ لاءِ تجويزون، باب ستون: رسم الخط جي ابتدا، اوسر ۽ قديم سنڌ جو رسم الخط، باب اٺون: سنڌي لپي/ رسم الخط جي قدامت ۽ ان جا اهڃاڻ- لوهاڻڪو، ارڌناگري ۽ ڀنڀور وارو رسم الخط، باب نائون: سنڌي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ٻين ٻولين ۽ تهذيبن جو اثر، باب ڏهون: عربي ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، باب يارهون: دنيا جي ٻولين جا مکيه ۽ مشهور خاندان.


هن صفحي کي شيئر ڪريو